دولهه دريا خان جو تَڪيو

دولهه دريا خان جو تَڪيو: دولهه دريا خان جو هي تڪيو لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي باقراڻيءَ ۾ آهي، جنهن کي ’جکرلو‘ به چوندا آهن. (اياز ڀاڳت جو مضمون: ’دولهه دريا خان جو حسب نسب‘) هتي هڪ مقبري ۾ ٻه علامتي قبرون آهن، جن ۾ ڪو به لاش دفن ٿيل نه آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته دولهه دريا خان ٺهرايون هيون، جڏهن ته دريا خان جي پنهنجي قبر مڪليءَ (ضلعي ٺٽي) ۾ آهي. اها به روايت آهي ته هي دريا خان جو اصلي ڳوٺ هو ۽ هن پنهنجي قبر ڳوٺ ۾ ٺهرائي ڇڏي هئي. هتي واضح رهي ته تڪيي مان مراد آخري آرامگاهه نه وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته دريا خان، مانجهندن (ضلعي ڄام شوري) کان پريان به هڪ عمارت جوڙائي هئي، جيڪا روينيو رڪارڊ ۾ ’دريا خان جي مقام‘ جي نالي سان موجود آهي، پر عام ماڻهو ان کي ’دريا خان جي بيٺڪ‘/ اوطاق سڏين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو